استاد ارباب علي کوسو

استاد ارباب علي کوسو

استاد ارباب علي کوسو

استاد ارباب علي کوسو: ڪلاسيڪل فنڪار استاد ارباب علي خان کوسي اپريل 1922ع ۾ ڳوٺ ڊگهي، تعلقي جهٽ پٽ، ضلعي جعفر آباد (بلوچستان) ۾ بھرام خان کوسي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هو. هن ٻارنھن سالن جي عمر ۾ پنھنجي ڳوٺائي دوستن مير اختر خان ۽ مير گل خان کوسي کان راڳ جي شروعاتي سکيا ورتي. جنھن بعد ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي سکيا شڪارپور جي مشھور گائڪ خانصاحب استاد هادي بخش ميمڻ کان ورتي. هن بلوچستان ۾ باقاعده ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو بنياد وڌو ۽ ريڊيو ڪوئيٽا تان پھريون ڀيرو سندس ئي آواز ۾ ڪلاسيڪل صنف ”خيال“، رڪارڊ ڪري نشر ڪئي وئي. ڪلاسيڪي راڳ جي قدردان سردار نور محمد گولي جيڪب آباد ۾ کيس رهائش لاءِ جڳهه ڏني، جتي هن ”ارباب علي خان آرٽس اڪيڊمي“، جيڪب آباد جو بنياد وڌو، جتان استاد عبدالرزاق جمالي، استاد محمد پيرل ميرالي، بيدل مسرو، ديدار حسين سمي، اختر چنال، روبينه حيدري، گلاب راءِ، خدا بخش مغيري، اڪرم مھر، سيد حامد علي شاهه، استاد عبدالغفور سومري سميت ٻين ڪيترن ئي فنڪارن راڳ جي سکيا ورتي. کيس 1987ع ۾ مولوي قادر بخش گولي جي درگاهه تي سونو تاج پارايو ويو. ”سنگيت آرٽس اينڊ ويلفيئر تنظيم“، پاران 1990ع ۾ سندس تاج پوشي ڪئي وئي. هن 20 آڪٽوبر 1994ع تي وفات ڪئي. کيس مولوي قادر بخش گولي جي درگاهه، محبت پور ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو